اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿيڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اهو طوفان ڪراچي کان اٽڪل 470 ڪل??ميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪل??ميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪل??ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان صبح جو جاري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي طوفان جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪل??ميٽر في ڪلاڪ تائين آهي. تازي اڳڪٿي مطابق طوفان جي برقرار رهڻ جو امڪ??ن آهي. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ان جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو امڪ??ن آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع جي منجهند تائ??ن هڪ انتهائي شديد طوفان طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪ??ن آهي. طوفان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.