لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانيا جي ناليواري واپاري ۽ بوهو گروپ جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين عبدالله ڪماني لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران عبدالله ڪماني پاڪستان سان ڊگهي مدي وارا واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪي?? ۽ ملڪ ?? ڪپهه مان ڪپڙي جي پيداوار تائي?? جي هڪ جامع سپلائي چين ٺاهڻ جي عزم جو اظهار ڪي??. هن پاڪستان مان وڌندڙ درآمدات کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا جي فضائي رابطن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم کان آگاهه ڪي?? ۽ ملڪ ۾ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز جي اندر مينوفيڪچرنگ سهولتون قائم ڪرڻ ۾ تعاو?? جي آڇ ڪئي. نگران وزيراعظم بوهو گروپ کي پاڪستان سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ گروپ جو وفد پاڪستان موڪلڻ جي دعوت ڏني. ملاقات کي پاڪستان ۽ بوهو گروپ جي وچ ۾ اقتصدي تعاون ۽ واپار کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو. بوهو گروپ برطانيا جو ناليوارو آن لائين فيشن ريٽيلر گروپ آهي جنه?? جي سالياني سيل هڪ ارب پائونڊ کان وڌيڪ آهي، ا?? جي مقبول برانڊز ۾ بوهو مين، پريٽي لٽل ٿنگ، مس پا??، ڪيرن ملن، ڪوسٽ، اوسس ۽ ڊيبن هيمس شامل آهن.