اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسر??ئي?? جي وحشياڻي حملي ۾ معصوم شهرين جو قتلام غيرانساني ۽ ناقابل دفاع آهي، اهو عالمي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسر??ئي?? کي ان جي جنگي ڏوهن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي ڇو ته ??ن غزه تي پنهنجي بمباري ۽ گهيراءُ جاري رکيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. هن چيو ته اسر??ئي??ي قبضي جي حامين کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غزه جي ماڻهن جي خلاف دهشتگردي جي مهم هلائڻ ۾ اسر??ئي??ي عملدارن کي ڇوٽ ڏي ٿي. نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسر??ئي??ي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي، عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطا??بو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو ا?? گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ ان تي زور ڏنو هو ته عالمي برادري اسر??ئي?? کي چوي ته ??و ب??گناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.