اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته طبي تعليم کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، افرادي قوت عالمي مارڪيٽ ۾ صحت جي شعبي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ ??ي لاءِ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن م??ڪ ۾ طبي تعليم ۽ مريضن جي سارسنڀال ۾ سڌارن ??ي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جي ا??لا?? جي صد??رت ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ صحت جي شعبي کي عالمي معيار تي آڻڻ ??ي لاءِ ٺاهيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ا??لا?? ۾ صحت جي شعبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته افرادي قوت جي عالمي مارڪيٽ ۾ صحت جي شعبي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ ??ي لاءِ ملڪ ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. هن چيو ته نرسنگ هڪ انتهائي اهم شعبو آهي ۽ ان جي ترقي ??ي لاءِ وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي. ا??لا?? ۾ صحت واري وزارت، ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان، پاڪستان م??ڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جي حصيداري سان صحت جي شعبي ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ا??لا?? ۾ ٻڌايو ويو ته صحت جي شعبي ۾ سڌارن ??ي لاءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار موجب قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. ا??لا?? ۾ صحت جي شعبي ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطحن تي سڌاراجاتي حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر عامر بلال جي قيادت ۾ صحت جي شعبي ۾ سڌارن ??ي لاءِ ٽاسڪ فورس جي قدمن کي ساراهيو.