اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بابت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ميڊيا سي پيڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي سان عوام تائين ??هچائيندي تعميري مڪالمي ۾ پنهنجو حصو وجهي، سي پيڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو نه آهي، سي پيڪ سان ??اڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ٿيو آهي، سي پيڪ تحت 2013ع کان ??يستائين 2 لک 36 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. ڪامسٽيڪ ۾ اٺين چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ کيس چين ۾ ٿيندڙ سي پيڪ ميڊيا فورم جي چوٿين ايڊيشن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جيڪو چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه بابت پروپئگنڊه کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ مخصوص هو. هن چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ 2014ع ۾ سي پيڪ ميڊيا فورم جي شروعات ڪئي ته جيئن سي پيڪ جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه بابت گهري آگاهي پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ انتهائي مناسب وقت تي آيو جنهن مستقبل بابت پاڪستان جي عوام ۾ اميد، اعتماد ۽ يقين ??يدا ڪيو. هي منصوبو هاڻي هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ پنهنجي شروعات کانپوءِ کان چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، توانائي جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ ۾ سي پيڪ پاڪستان کي مدد فراهم ڪئي. هن چيو ته سي پيڪ کان اڳ پاڪستان کي 2013ع ۾ مختلف چئلينجز درپيش هئا جن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سميت مع??شي خسارو شامل هو. هن چيو ته سي پيڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو نه آهي، ان ??نصوبي تحت 2013ع کان ??يستائين 2 لک 36 هزار روزگارجا موقعا پيدا ٿيا، ان ??نصوبي سان ??قامي افرادي ق??ت کي ترقي جو موقعو مليو جڏهن ته ان ??نصوبي سان علائقائي فرق جي خاتمي ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي مع??شي واڌويجهه کي نمايان طور تي بلند ڪيو ۽ ان ۾ 2 کان 2.5 سيڪڙو سالياني شرح سان اضافو ڪيو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سي پيڪ جي 17 هزار 45 ميگاواٽ جي وڏي صلاحيت جنهن ۾ هائيڊرو، ونڊ، سولر ۽ ڪوئلي سان بجلي جي پيداوار شامل آهي، ان ??ائيدار ۽ اعتماد جوڳي توانائي جي فراهمي کي يقيني بڻايو. اطلاعات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران ??فاقي وزير چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بابت عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته پروپئگنڊه عوامي راءِ کي تبديل ڪري ٿي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا معلومات جي صحيح فراهمي ۽ غيرجانبداراڻي بيانيي کي ذميواري سان اڳتي ڦهلايو. هن چيو ته اڄ جي معلوماتي دور ۾ سچائي جي محافظ طور ميڊيا جو ڪردار اڳ کان ڪيترائي وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته سي پيڪ نه رڳو اسان جي قوم کي ترقي ڏني پر هڪ روشن، وڌيڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي ويو آهي، هڪ خوشحال مستقبل جي لاءِ سي پيڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي سان عوام تائين ??هچائڻ ۾ ميڊيا جو تعميري مڪالمي ۾ حصو لازمي آهي.