اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن تي زور ڏنو آهي ته اهي تعليم ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ ۽ قائداعظم جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن کي اختيار ڪري ملڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هو ايوان صدر ۾ ”قائد ۽ ٻار“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ معذور ماڻهن سميت اسڪول جي ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته باني پاڪستان جي سنهري قدرن تي قائم رهڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. هن چي?? ته تحريڪ پاڪستان دوران ٻار به ا?? ۾ ??امل هئا جيڪي پنهنجي قائد سان محبت ڪندا هئا ۽ جدا وطن جي ج??وجهد ۾ ثابت قدمي سان ساڻس گڏ بيٺل هئا. هن قائداعظم کي ٻارن پاران لکيل ڪجهه جذباتي خط پڙهي ٻڌايا ته هن نه رڳو ٻارن جي حمايت ڪئي پر پنهنجي بچت ۾ جمع ڪيل رقم به انهن کي موڪلي. صدر چي?? ته قائداعظم معاشي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عورتن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ تي پڪو يقين رکندو هو. هن تعليم ۽ روزگار جي شعب?? ۾ ??ورتن ۽ معذور ماڻهن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چي?? ته قائداعظم هي ملڪ انتهائي لگ?? ۽ عزم سان ٺاهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ هر شهري جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ڪشمير ۾ ماڻهو ڀارتي قابض فوج جي هٿان مشڪلاتن جو شڪار آهن جڏهن ته اقليتن کي مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چي?? ته ڀارت جي موجوده صورتحال ٻه قومي نظريي جي اهميت کي وڌيڪ سگهه ڏي ٿي جنهن ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا وطن قائم ڪرڻ جي ضرورت پيش ڪئي. هن چي?? ته قائداعظم محمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ هو جنهن جي ج??وجهد سان دنيا ۾ تبديلي آئي. هن چي?? ته هي وطن هزارين ماڻهن جي قربانين کانپوءِ ٺهيو هو ۽ ان کي محنت ۽ عزم سان مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ثمينه علوي ٻارن سان گڏجي قائداعظم جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. روايتي لباس په??يل ٻارن چئني صوبن ۽ ڪشمير جي ڀرپور ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ لوڪ نغمن تي رقص ڪيو. اکين کان محروم ٻارن جي هڪ گروپ ”دل دل پاڪستان“ گاني تي هڪ ٽيبلو پيش ڪيو، جنهن کي حاضرين خوب ساراهيو. معذور ٻارن جي سهولت لاءِ پوري تقريب کي اشارن جي زبان ۾ پڻ پيش ڪيو ويو.