اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي نائب پرڏيهي و??ير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيني نائب پرڏيهي و??ير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آڪٽوبر 2023ع ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ بيجنگ جي پنهنجي دوري کي ياد ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي پاڪستان جي لاءِ گرمجوشي جي جذبن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پ??ري طرح پرعزم آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن کانسواءِ علائقائي ??ور??حال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. چيني نائب پرڏيهي و??ير ملاقات تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس دوري دوران ٿيندڙ مختلف ملاقاتن بابت آگ??هه ڪيو. هن چيني قيادت پاران نگران وزيراعظم کي خصوصي مبارڪباد ڏني. نائب پرڏيهي و??ير چيو ته چين ۽ پاڪستان ”مضبوط ڀائر“ آهن. هن يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سدائين هڪ اعتماد جوڳو حصيدار رهندو.