اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ قومي اسيم??لي جي نئين چونڊي?? ميمبر احسن ??قبال چيو آهي ته سمورين پارٽين جي ذميواري آهي ته هو ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحر??ن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پارليامنٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪا هڪ پارٽي ملڪ کي بحرانن مان نٿي ڪٺي سگهي. سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته سمورين پارٽين کي متحد ٿي ميثاق معيشت تي ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن کي ان ئي رفتار سان ٻيهر شروع ڪندي جنهن رفتار سان اسان 2013 ۽ 2018 ۾ ڇڏيو هو. هن چيو ته اسان اهو فيصلو پڻ ڪرڻو آهي ته اس??ن ملڪ کي روانگي واپار ذريعي بحر??ن مان ڪڍڻو آهي يا قرضن سان. هن چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي انهن سمورن آپشنز تي ڳالهائڻ گهرجي.