اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام مليا آهن. چ??ڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير ??ان ليپاوسڪي اسحاق ڊار کي پاڪستان جو پرڏيهي و??ير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته چ??ڪ ريپبلڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستاڻا ۽ تعميري لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي پرڏيهي و??ير موسي ضمير پڻ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار کي مبارڪباد ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس قيا??ت ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير ??يميٽرو ڪوليبا اسحاق ڊار کي پاڪستان جي 39 هين پرڏيهي وزير ??ور مقرري تي مبارڪباد ڏيندي کيس انتهائي ذميواراڻي مشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئون يوڪرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي ۽ عالمي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو منتظر آهيان. پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار پنهنجي پوسٽ ۾ چ??ڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير ??ان ليپاوسڪي جي مبارڪباد جي پيغام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئون گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان ۽ چ??ڪ ريپبلڪ جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو منتظر آهيان.