برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرام?? استعمال خاص طور تي زراعت ۽ انساني صحت سميت سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي تعاون کي وڌي?? گهرو ڪرڻ جو عزم ڪيو. هنن ائٽمي توانائي جي استعمال جي ذريعي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موج?? پاڪستان ۽ آذربائيجان زراعت سميت ائٽمي ايپلي ڪيشنز ۾ ڪاميابي سان تعاون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان سان ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرام?? استعمال ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي تياري کان آگاهه ڪيو.