اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ازبڪستان جي پرڏيهي و??ير بختيا?? سيدوف جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ جامع ڳالهيون ٿيون. پرڏيهي آفيس موجب ڳالهين ?? ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن بشمول واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، عوام جي سطح تي رابطن ۽ رابطن جي منصوبن تي ڌيان ڏنو ويو. هنن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي تي جلد عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ??و پڻ عزم ڪيو.