اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 مئي تڪبير ڏهاڙي کي سرڪاري موڪل قرار ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن م??ڪ جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جهنڊي، سبز هلالي جهندي هيٺ متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم چيو ته تڪبير ڏهاڙو پاڪستاني قوم جي ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن پوري قوم هن م??ڪ جي سالميت جي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته ملڪي دفاع تي ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ قبول ڪ??ي ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته تڪبير ڏهاڙو سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن م??ڪ جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جهنڊي، سبز هلالي جهنڊي هيٺ متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو، تڪبير ڏهاڙو ٻاهرئين دشمنن سان گڏوگڏ اهڙن اندروني دشمنن، جيڪي ملڪ ۾ انتشار جي سياست سان هن م??ڪ کي خطري ۾ وجهڻ چاهين ٿا، انهن جي ناپاڪ ارادن کي سدائين ناڪام بڻائڻ جي وچن جي تجديد جو ڏينهن آهي. هن چيو ته 28 مئي تڪبير ڏهاڙو ان وقت جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ پاڪ فوج جي پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بنائڻ جي قدم کي خراج تحسين پيش ??رڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن اسان ذوالفقار علي ڀٽو کي پاڪستان جو ائٽمي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ان کي جاري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سائنس??ان?? کي پڻ خراج تحسين پيش ??ريون ٿا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان ڏينهن اهو وچن ڪري ٿي ته 28 مئي تي جهڙي طرح هن م??ڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ، ائين ئي اسان ڏينهن رات محنت سان هن م??ڪ جي اقتصادي سلامتي کي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اسان اهو وچن ڪريون ته نه رڳو ٻاهرئين دشمنن پر پاڪستان ۾ موجود 9 مئي جهڙن واقعن سان انتشار جي خواهشمند عنصرن جي شرپسندي کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم سان گڏوگڏ ڏينهن رات محنت سان ناڪام بڻائينداسين.