آستانه – 21 – مئي (ا?? پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان جي شهر آستانه ۾ ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ??ي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي بيلاروسي هم منصب سرگئي ايلينڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ پراڻي دوستاني لاڳاپن کي ساراهيو ۽ واپ??ر، اقتصادي تعاون ۽ عو??مي مٽاسٽا تي خاص ڌيان سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن اسلام آباد ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ??ي اڳئين دور جي تيارين جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا ??ي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تعليم ۽ ثقافتي تعاون کي وڌ کان وڌ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.