اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??سان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ارب، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ينگ پارليامينٽرينز جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن راجا اسامه سرور، بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري، احمد عتيق انور، نوشين افتخار، راڻا ارادت شريف خان، محمد عثمان اويسي، عمار احمد خان لغاري، ڊاڪٽر شائسته ??ان، زينب بلوچ، سعد وسيم، شاهد عثمان شامل هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ??لله تعاليٰ توهان کي عوام جي خدمت جو موقعو فراهم ڪيو آهي، اميد آهي ته ??وهان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا، اسان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. هن چيو ته قابل شاگردن کي ح??ومت پاران ليپ ٽاپس فراهم ڪيا ويندا، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ارب جا فنڊز رکيا ويا آهن جيڪو تاريخي ق??م آهي، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ??ڪومت نوجوانن کي روزگار جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي اسڪلز ڊيولپمينٽ جي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومتي ادارن ۾ سڌارن ۽ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ح??ومت جون ترج??حو?? آهن جنهن سان ملڪي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهبو. هن چيو ته پاڪستان فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي اخلاقي ۽ سفارتي جاري رکي آهي. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.