راولپنڊي -16 جولاءِ (اي ??ي پي) ڪينٽ بنون تي د??شت??رد حملي ۾ 8 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي د??شت??ردن جي ڇانوڻي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ سمورن 10 ئي د??شت??ردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق 15 جولاءِ تي صبح جو 10 د??شت??ردن تي ٻڌل هڪ گروپ بنون ڪينٽ تي حملو ڪيو، ڇانوڻي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن اثرائتي ط??يق?? سان ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ د??شت??ردن بارود سان ڀريل گاڏي ڇانوڻي جي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏي. آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ديوار جو ڪجهه حصو ڪري پيو ۽ ڪجهه انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 8 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد (عمر 44 سال، رهائش ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين (عمر 39 سال، رهائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد (عمر 28 سال، رهائش ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان (عمر 30 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد (عمر 22 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان (عمر 30 سال، رهائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم (عمر 26 سال، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي (عمر 34 سال، رهائش لڪي مروت) شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق بعد ۾ پاڪ فوج جي جٿن اثرائتي ط??يق?? سان د??شت??ردن جو مقابلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سمورن 10 د??شت??ردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز جي ان وقت سر ۽ اثرائتي جواب ڪنهن وڏي نقصان کان بچائي ورتو ۽ قيمتي معصوم زندگيون بچي ويون. سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ ڪارروائي د??شت??ردي خلاف جنگ ۾ اڻٿڪ عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.د??شت??ردي جي اها بزدلاڻي ڪارروائي حافظ گل بهادر گروپ ڪئي آهي، جيڪو افغانستان مان ڪم ڪندو آ??ي ۽ ماضيءَ ۾ به پاڪستان اندر د??شت??ردي جي ڪارروائين لاءِ افغان سر زمين استعمال ڪندو رهيو آ??ي. پاڪستان عارضي افغان حڪومت سان مسلسل پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آ??ي ۽ مطالبو ڪيو آ??ي، ته هو د??شت??ردن طرفان افغان سر زمين جي مسلسل استعمال کي روڪي ۽ اهڙن عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري. پاڪستان جي هٿياربند فوج د??شت??ردي جي ان لعنت خلاف مادر وطن ۽ ان جي عوام جو دفاع ڪندي رهندي ۽ افغانستان مان ايندڙ انهن خطرن خلاف مناسب سمجهندڙ سمورا ضروري قدم کڻندي.