اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف ع??ي زرداري اڳوڻي آمريڪي صدر تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جو ٻڌي صدمو پهتو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ صدر مملڪت آصف ع??ي زرداري چيو ته سياست ۾ تشدد جي ڪا جاءِ ناهي. صدر مملڪت ڊونلڊ ٽرمپ جي جلد صحتيابي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ حملي ۾ انساني حياتي جي نقصان ت?? افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.