اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي دعوت تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو عهدو ڇڏيندڙ ??يڪريٽري ج??رل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري ج??رل و??ير??عظم، نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتن ۾ پنهنجي دور ۾ کنيل قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا ??ابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سيڪريٽري ج??رل نوزيري 24 کان 26 جولاءِ تائين پنهنجي پاڪستان جي الوداعي دوري تي آهي، هو ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ايندڙ مهيني کان پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽن سالن جي مدي لاءِ اي سي او جي سيڪريٽري ج??رل جو عهدو سنڀاليندو، سندس مقرري جي وزيرن واري ڪائونسل منظوري ڏني آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن سال مئي ۾ جاري ڪيو ويو هو.