اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙ??ڪا??ي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير را??د ميريدوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪمانستان جي عظيم اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف سان هن مهيني جي شروع ۾ آستانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سندس پاڪستان ۾ استقبال ڪرڻ جو منتظر آ??ي. وزيراعظم ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ادارن جي ان عمل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙ??ڪا??ي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي جي دعوت ڏني. وزيراعظم غيرملڪي سيڙ??ڪا??ن کي مختلف شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪردار تي روشني وڌي. هن علائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ۽ ٻين منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.