اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) اط??اعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرو ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيت مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پ??ڪس??اني رانديگر ڪنهن کان گهٽ نه آهن. پنهنجي بيان ۾ اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽ?? ارشد نديم تاريخ لکي ڇڏي آهي، سندس ڪاميابي هر پ??ڪس??اني نوجوان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن سان نوجوانن کي راندين جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ملندي. وفاقي وزير چيو ته ارشد ند??م جي فتح پوري قوم جي فتح آهي، توهان کي منهنجي پاران لکين مبارڪون هجن.