اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري تيراه وادي جي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فو??سز تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سموري قوم دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لا??ِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري واقعي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. صدر مملڪت مادر وطن لاءِ جان جي قرباني پي?? ڪرڻ تي شهيدن کي سلام ۽ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف ??ان کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. صدر مملڪت فتنو ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ ?? دهشتگردن کي جهنم تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فو??سز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سموري قوم دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لا??ِ پرعزم ۽ سيڪيورٽي فو??سز سان گڏ آهي. صدر مملڪت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فو??سز جي قربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري شهيدن جي بلند درجن ۽ ڪٽنب ڀاتين لاءِ صبر جي دعا گهري.