اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي 5 ??فا??ي وزارتن ۾ سڌارن جي لاءِ سفارشون پيش ڪيون ويون، هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ ۽ هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وا??ي وزارت ۽ سرحدي معاملن وا??ي وزارت کي ض?? ڪرڻ ۽ 5 وزارتن ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن/ ??فا??ي اڪائين کي منتقل ڪرڻ ۽ 12 ادارن کي ض?? ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي ڍانچي جي ماپي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي وا??ي وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وا??ي وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت جي اداراجاتي سڌارن جو مقصد قومي خزاني تي بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام کي فراهم ڪئي ويندڙ سروسز ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا ادارا جن پبلڪ سروس جي حوالي سان ڪا خاطرخواهه ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري ۽ قومي خزاني تي بار آهن انهن کي يا ته فوري طور تي ختم ڪيو وڃي يا پوءِ انهن جي فوري نجڪاري جي لاء?? قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪندڙ اداري سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي پاڻ نگراني ڪندس. هن سميڊا کي وزيراعظم آفيس تحت آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ??فا??ي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان ناڻي وا??ي وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ، نان – ڪور سروسز ۽ عام نوعيت جي ڪمن مثال طور صفائي ۽ جينيٽورئل سروسز کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي سفارش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جون ڪيتريون ئي جايون ترتيبوار ختم ڪري سگهبيون. ڪميٽي هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي ۽ وزارتن جي ڪيش بيلنسز تي ناڻي وا??ي وزارت جي نگراني جي سفارش پڻ ڪئي. اجلاس ۾ ??فا??ي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان ناڻي وا??ي وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي سفارش ڪئي ته ناڻي وا??ي وزارت ٻين ??فا??ي وزارتن جي ڪيش بيلنسز جي نگراني ڪري، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وا??ي وزارت، سرحدي معاملن وا??ي وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وا??ي وزارت، صنعت ۽ پيداوار وا??ي وزارت ۽ قومي صحت وا??ي وزارت ۾ سڌارن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وا??ي وزارت ۽ سرحدي معاملن وا??ي وزارت کي ض?? ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سڀ کان پهرين 5 وزارت ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن/ ??فا??ي اڪائين کي منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. انهن 5 وزارتن ۾ 12 ادارن کي ض?? ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويز ڪيل سڌارن جي منظو??ي وفاقي ڪابينا کان ورتي وڃي. هن انهن سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جو ٺوس پلان پڻ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.