اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڍانچه جاتي سڌارا پائيدار اقتصادي ت??قي ۽ استحڪام کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ اهم آهن جيڪي حڪومت جي پاليسي ا??جنڊا جو سنگ بنياد آهن. اهڙو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن فنانس ڊويزن ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڍانچاجاتي سڌارا پائيدار اقتصادي ت??قي ۽ استحڪام کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ اهم آهن جيڪي حڪومت جي پاليسي ا??جنڊا جو سنگ بنياد آهن. سينيٽر اورنگزيب سعودي عرب طرفان پاڪستان لاءِ مسلسل اقتصادي ت??اون جو ٿورو مڃيو ۽ سعودي سيڙپڪارن طرفان پاڪستان جي نجي شعبي سان جوائنٽ وينچر ۽ ڪاروباري ت??اون کي اڳتي وڌ??ئڻ ۾ نئين دلچسپي کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير هلندڙ سال اپريل ۾ پنهنجي واشنگٽن واري دوري دوران سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجدعان ۽ سعودي ت??قي بابت فنڊ (ايس ايف ڊي) جي سي ا?? او سلطان عبدالرحمان المرشد سان پنهنجي نتيجي وارين ملاقاتن جو به ذڪر ڪيو. هن مئي ۾ اعليٰ سطحي واپاري وفد جي سعودي عرب کان پاڪستان جي دوري جا اهم نتيجا به ٻڌايا جنهن جو مقصد سيڙپڪاري جا م??قعا ڳولڻ، ٻطرفي ت??اون کي سگهه ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌ??ئڻ آهي. ملاقات دوران سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي مثبت اقتصادي رفتار جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ اهم اشارن جو حوالو ڏنو جهڙوڪ ڪرنسي جي استحڪام، مهانگائي ۾ گهٽتائي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واڌ، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو محتاط انتظام ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ٻن مهينن جي آمدني واپار کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سعودي سفير اداره جاتي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۾ حڪومت پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي ا??تصادي ت??قي ۾ حصو وجهڻ لاءِ مملڪت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن جي بي پناهه امڪانن جو به اعتراف ڪيو. هن اشارو ڏنو ته ايندڙ مهينن ۾ سعودي واپاري وفد جو پاڪستان جو دورو متوقع آهي ته جيئن گڏيل منصوبن ۽ گڏيل سيڙپڪاري جي شعبن کي وڌيڪ ڳولي سگهجي.