اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۽ مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي، زرعي جنسن، آءِ ٽي جي روا??گي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائي اسان کي هڪ ٿي، گڏيل ڪوششن ۽ واضح سوچ سان اڳتي وڌڻو آهي، آءِ ايم ايف جي 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ايجنڊا ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??سلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ ينگ پارليامينٽرينز سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ 200 پوائنٽس جي گهٽتائي آئي آهي جنهن سان صنعتڪارن، سيڙپڪارن، زرعي شعبي ۽ ڪاروبار سان ??اڳيل ماڻهن کي ريليف مليو آهي، اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، اهي ٻئي خوش آئنده ڳالهيون آهن، اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ تيزي سان ??مايان گهٽتائي آئي آهي، گذريل سال مهانگائي جي شرح 32 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي 9.6 سيڪڙو آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي محنت جي ڪمائي سان ??رڏيهي ناڻو موڪلي رهيا آهن جنهن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ زرعي جنسن، آءِ ٽي جي روا??گي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي جي روا??گي واپار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير پنهنجي ٽيم سان گڏ ان ڏس ۾ ڀرپور محنت ڪري رهي آهي، سمورا معاشي انگ اکر مثبت آهن، لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، حالتن جي ڌارا بدلائڻ جو فيصلو ڪندڙ قوتن ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان ۾ انهن حالتن کي بدلائڻ جو وقت اچي چڪو آهي، اسان کي هڪ ٿي، گڏيل ڪوششن ۽ واضح سوچ سان اڳتي وڌڻو آهي، اسان ??لڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي راهه جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ??اضي جي غلطين مان سبق سکي عالمي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو، نوجوان ??سل جو ان ۾ اهم ڪردار آهي، اسان کي سمورن شعبن سان ??اڳيل نوجوانن کي مڪمل طور تي تعليم يافته ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، نوجوانن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ايجنڊا ۾ شامل آهي، اسان کي ان ??روگرام جي لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ٽيڪس هنيا ويا، پگهاردار طبقي تي بار پيو، مهانگائي گهٽ ٿيڻ سان ??گهاردار طبقي تي بار به گهٽ ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ جي دائري کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، واپاري حلال رزق سان روزي ڪمائين ٿا ۽ ملڪي معيشت ۾ حصو وجهن ٿا، انهن کي پنهنجي ٽيڪس جي ادائيگي جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ڪنهن هڪ شعبي تي ٽيڪس جو بار وجهڻ سان ??ه معاشرو ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي خوشحال ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته زرعي شعبي سان ??اڳيل ڪاروباري ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس غبن جي خاتمي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، قرضن ۽ آءِ ايم ايف سان ان کانسواءِ ڇوٽڪارو نه ملندو، منهنجي ڪوشش آهي ته هي آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام هجي ۽ اسان کي ٻيهر آءِ ايم ايف طرف رجوع نه ڪرڻو پوي، ان جي لاءِ پنهنجي هدفن کي پورو ڪرڻو پوندو، سعودي عرب، چين، گڏيل عرب امارات اسان جا دوست ملڪ آهن، انهن آءِ ايم ايف جي پروگرام حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار،ن اڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ناڻي واري وزارت جي ٽيم ان ??روگرام جي لاءِ ڀرپور محنت ڪئي. هن چيو ته پنهنجي پيرن تي بيهنداسين ته عزت ۽ وقار ملندو، ان جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، الله تعاليٰ نيڪ نيتي سان ??حنت جو ڦل ڏي ٿو، اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان ڪيستائين قرضن تي هلنداسين، اسان کي ان ??ان جان ڇڏرائڻي پوندي، پوري قوم کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي ته جيئن ان ڌُٻڻ مان ??ڪري سگهون، ان کانپوءِ پوري دنيا ۾ اسان جو نالو ٿيندو. ان ??وقعي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سميت ينگ پارليرامينٽرينز نظم ۽ ضبط ۽ قانونسازي بابت تجويزون پيش ڪيون جن کي وزيراعظم محمد شهباز شريف ساراهيو.