اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کي پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ملائيشيا سان واپار جي فروغ سان ملڪ?? روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، اسان ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ملائيشيا روانو ٿي ويو. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ۽ سندس وفد کي نور خان ايئربيس تي الوداع ڪيو. ان موقعي تي ??لائيشيا جي وزيراعظم کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جي تصويرن تي ??ڌل البم پڻ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ??ڌل آهن، ملائيشيا جي وزيراعظم سان پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته ملائيشيا جو وزيراعظم علامه اقبال جو مداح آهي جيڪا پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ سٺن لفظن ۽ نيڪ خواهشن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪ ملائيشيا بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ تي ??ثبت اڳڀرائي ٿي، پاڪستان جي ملائيشيا سان واپار جي فروغ سان ملڪ?? روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مفاهمتي ??ادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سان ملائيشيا کي پراسيسڊ گوشت ۽ چانور جي برآمدات ۾ اضافي ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري ۽ واپار ۾ اضافي تي ??ڻ اتفاق ٿيو. دوري دوران ملائيشيا جي وزيراعظم جي وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم کي صدر پاران نشان پاڪستان پڻ نوازيو ويو.