اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي اتر ??رب سمنڊ ?? منشيات جي خاتمي جي وڏي ۽ ڪ??مي??ب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پاڪ بحريه کي ساراهيندي چيو ته پاڪ بحريه جي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري پيشي عنصرن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ت?? اتر ??رب سمنڊ ?? ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪ??مي??ب آپريشن پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي عڪاس آهي. گڏيل آپريشن ۾ پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي جهاز پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي بحريه جي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پاڪ بحريه جي هوائي جهازن پڻ مدد فراهم ڪئي. صدر پاڪستان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ?? غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو.