اسلام آباد -21 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان لاءِ 2024ع اهم سال آهي، جتي اسان پنهنجي مست??بل جي ??ُخ جو تعين ڪري سگهون ٿا، انهي لاءِ ڀروسي جوڳي ۽ معياري ڊيٽا جي فراهمي اڻٽر آهي ته جيئن اسان صحيح فيصلا ڪري سگهون ۽ ٽيڪنالاجي ??ي انقلاب ۾ دنيا جي ٻين ملڪن سان قدم سان قدم ملائي هلي سگهون، معاشي ميدان ۾ ترقي لاءِ اسان کي پاليسين جي ??سلسل ۽ استحڪام جي ??شد ضرورت آهي، لانگ مارچ ۽ مظاهرن سان ملڪ اڳيان نه وڌندو پر اسان کي مستقل مزاجي ۽ درست رخ ۾ پاليسي سازي ذريعي اڳيان وڌڻو پوندو ته جيئن ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ۽ ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فيسٽ 2024ع جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر، رٿابندي وارو سيڪريٽري اويس منظور، وفاقي ۽ صوبائي وزارتن جي نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. هن چيو ته هي درست آهي ته اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جتي تبديلي جي ??فتار تاريخ ۾ بي مثال آهي. تختي کان وٺي فائيو جي ??ائين جو سفر اسان جي ٽيڪنالاجي ??ي ميدان ۾ ٿيل اڳڀرائي جو بهترين مثال آهي. ان انقلاب جو بنياد ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي ??ي آهي، جيڪو هر شعبي ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي. ڊجيٽل انقلاب ۾، ڊيٽا اهو ٻارڻ آهي جيڪو ترقي جي گاڏي کي اڳيان وڌائي رهيو آهي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجيز جي ??رقي ۾ ڊيٽا جو معيار تمام اهم آهي ڇو ته ڪنهن به اصول يا نظام جي ڪارڪردگي ان ڊيٽا جي ??رستگي ۽ معيار تي ٻڌل هوندي آهي. هن چيو ته هي منهنجي لاءِ بيحد خوشي ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ مان پاڪستان جي پهرين ڊيٽا فيسٽ جي ??قريب کي خطاب ڪري رهيو آهيان. هي تقريب اسان جي ملڪ ۾ ڊجيٽل ترقي جي هڪ نئين باب جي ??روعات آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هي ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي ??ي ميدان ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. اڄ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جيڪا انساني تاريخ جي ??ڀ کان تيز ترين تبديلين مان گذري رهي آهي. اسان اهي ماڻهو آهيان جن تختي تي لکڻ جي ??ماني کان وٺي فائيو جي ??ي تيز ترين ڪنيڪٽيويٽي تائين جو سفر پنهنجي ??کين سان ڏٺو آهي. هن چيو ته جڏهن اسان 24 سال کان پوءِ 2047ع ۾ پاڪستان جي 100 سالن واري آزادي جو جشن ملهائڻ جي ??ياري ڪري رهيا هونداسين، ته اسان جي ??رقي ۽ ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو حصو ڊيٽا جو هوندو، هي اهو دور هوندو جڏهن معيشت، حڪومتي پاليسيون ۽ عوامي ڀلائي سڀئي ڊيٽا جي ??حيح ۽ اثرائتي استعمال سبب هوندا. ڪنهن به قوم جي ??رقي جي پٺيان گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جون مسلسل ۽ مضبوط پاليسيون هونديون آهن جيڪي ان جي ??رقي جي ??اهه کي هموار ڪنديون، اسان کي به اهڙي پاليسي فريم ورڪ جي ??رورت آهي، جيڪو ڊگهي مدي وارو هجي ۽ تسلسل سان عملدرآمد ذريعي ملڪ کي ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪري. هن چيو ته اسان هن وقت ايندڙ پنج سالا منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ سالن ۾ ملڪ جي معيشت ۽ سماجي ??رقي جي ??نياد کي مضبوط بڻائي سگهجي. جڏهن مان 2014ع ۾ ٺاهيل ويزن 2025 جو مطالعو ڪيو ته اها ڳالهه سامهون آئي ته ان وقت به اسان اهي چئلينجز ۽ مسئلا لکيا هئا جيڪي اسان کي اڄ درپيش آهن. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جون پاليسيون اثرائتون هئڻ باوجود ان جي ??سلسل ۾ رڪاوٽون آيون. جنهن سان ترقي جو سفر متاثر ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته اڄ هتي نوجوانن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جيڪو ان ڊيٽا جي ??اقت ذريعي پنهنجي مست??بل جي ??اهن جي ??عين جو عزم رکي ٿو. اسان جي نوجوانن کي اهي صلاحيتون پيدا ڪرڻ گهرجن ته هو ڊيٽا جو صحيح استعمال ڪري سگهن، ته جيئن هو فيصلا سازي ۽ مسئلن جي ??ل ڪڍڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن. هن چيو ته نوجوانن وٽ اهو موقعو آهي ته هو ان ڊجيٽل دور جي ??اقت کي استعمال ڪندي پاڪستان کي هڪ روشن مست??بل ڏانهن وٺي وڃن. هاڻي اسان کي غور ڪرڻ گهرجي ??ه ڇا ايندڙ 24 سال ويڙهه ۾ ضايع ڪنداسين يا پاڪستان کي 2047ع تائين ٽريلين ڊالرز معيشت بڻائن جو عزم تي ڪاربند هونداسين، اسان کي پنهنجو وقت وڃائڻ بدران ان کي هاڪاري طريقي سان استعمال ڪرڻو پوندو، ته جيئن اسان پنهنجا هد?? جلد حاصل ڪري سگهون. هن چيو ته تازو ئي ٽي چار ڏينهن اڳ اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ دنيا اڳيان پاڪستان جو هڪ هاڪاري رخ پيش ڪيو، اهو اسان جي ??لاحيتن ۽ ڪاميابين جو اعتراف آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته اسان پنهنجي هاڪاري توانائين کي استعمال ڪندي پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻايو جنهن جي ??رقي ۽ صلاحيتن کي دنيا مڃيندڙ هجي، اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان گڏجي ??ڳيان وڌنداسين ته ڪا به رڪاوٽ اسان جي ??رقي جي ??اهه ۾ نه ايندي، هن چيو ته اڄ جي نوجوانن ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته هو 2047ع تائين پاڪستان کي دنيا ۾ هڪ بلند مقام ڏيارين. هن چيو ته اسان کي وقت سان گڏ تبديل ٿيڻ جي ??لاحيت پيدا ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان هن ڊجيٽل دور جي ??يز رفتار ترقي جو ڀرپور فائدو کڻي سگهون. نوجوانن کي گهرجي ??ه هو پنهنجي ??لم کي عملي ميدان ۾ لڳائين ۽ تخليقي سوچ سان گڏ مسئلن جو حل ڪڍن. ان ئي رستي تي هلندي اسان نه رڳو پنهنجي ملڪ کي ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪري سگهنداسين پر دنيا ۾ هڪ بلند مقام به حاصل ڪري سگهنداسين.