اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏ??نھن 24 آڪٽوبر تي ملھايو ويندو. اھو ڏينهن پوليو ويڪسين تيار ڪندڙ ڊاڪٽر جوناس سالڪ جي سالگره جي موقعي تي ملھايو ويندو آھي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) مطا??ق سڄي دنيا ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ 99.9 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آھي. پوليو جي عالمي ڏ??نھن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ عام ماڻھو کي پوليو جي بيماري، تحفظ بابت آگاھي فراھم ڪرڻ سان گڏو گڏ ملڪ جي ڏ??رانھن ۽ ڏکين علائقن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پوليو ورڪرز جي ڪوششن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ويندو.