اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انسان?? حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ يو اين وومن ۽ انٽرا ايجنسي جينڊر اينڊ ڊولپمينٽ گروپ (آءِ اين جي اي ڊي) جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۾ صنفي مساوات ۽ عورتن ج?? حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قومي عزم کي وڌيڪ تقويت ڏيڻ آهي. ملاقات ۾ يو اين وومن جي ماريا هولٽسبرگ، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي اينڊريو بوڊن ۽ يورپي يونين جي جيرون وليمز کان علاوه عالمي نمائندا پڻ شريڪ هئا. انهن نمائندن وفاقي وزير کي عالمي تجربن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان ۾ مضبوط صنفي بنياد تي ڍانچي ۽ آگاهي پروگرامن جي جوڙجڪ ۾ بين الشعبن ۾ سه??ار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان اعليٰ سطحي مڪالمي ۾ پاڪستان ۾ عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن ۽ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملين ?? هدف وارن قدمن تي زور ڀريو. ڪالهه انسان?? حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير ان موقعي تي پاڪستان حڪومت طرفان عورتن ج?? حقن کي هٿي ڏيڻ جي لڳاتار ق??من تي روشني وڌي جنهن ۾ آفيسن ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ جو قانون ۽ عورتن جي ملڪيتن ج?? حقن کي لاڳو ڪرڻ جهڙا اهم قانون شامل آهن. انهن ڪوششن جو مقصد پاڪستان جي عالمي معاهدن جهڙوڪ عورتن خلاف هر ق??م جي اڻبرابري جي سلوڪ جي خاتمي جي ڪنوينشن (سي اي ڊي اي ڊبليو) تحت ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ آهي جنهن سان عورتن لاءِ برابر موقعن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جامع ۽ شراڪتي طريقن جي اهميت کي تسليم ڪندي انسان?? حقن واري وزارت مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن ۽ ڇوڪرن کي اتحادي طور تي شامل ڪري رهي آهي. صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن جي شموليت لاءِ قومي حڪمت عملي، جيڪا يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان جي اين جي او، روزن جي سه??ار سان تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد معاشرتي تبديلي کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن تحت نقصان??ار صنفي تصورن کي چئلينج ڪيو وڃي ۽ تشدد خلاف مردن جي ذميواريءَ کي هٿي ڏني وڃي. ان کان علاوه عورتن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ قومي ترقي ۾ سندن ڪردار کي مستحڪم ڪرڻ ۽ هڪ وڌيڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ ضروري آهي.