دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري دوحه کان وطن واپس روانو ٿي و??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوحه جي عالمي هوائي اڏي تي قطر جي ثالثي مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز بن صالح ??لخليفي، پاڪستاني سفير ۽ سفارتي عملي جي ٻين ??ملدارن وزيراعظم کي رخصت ڪيو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان کانسواءِ هن قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني آرٽ ۽ ڪلچر جي ف??وغ جي حوالي سان نمائش ”منظر“ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ??يسوسيئيشن جي وفد ملاقات به ڪئي.