لاھور-13 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آھي ته مھرباني اھا ??وش??ي آ??ي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي، خواھش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظر اچي. اربع ڏينهن مھرباني جي عالمي ڏھاڙي تي جاري ڪيل پنھنجي پيغام ۾ وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته ڪنھن جو حال اورڻ، ڪنھن کي دلاسو ڏيڻ ۽ مسڪرائي ڳالھائڻ به نبي ڪريم ص??ي الله عليه واله وسلم جن جي سنت مبارڪه آھي، مھرباني اھڙي پوشيده طاقت آ??ي جنھن جو اثر دل ۾ محسوس ٿئي ٿو. ھن چيو ته ننڍيون ننڍيون مھربانيون به وڏو ھاڪاري اثر رکنديون آھن، مھرباني اھا ??وش??ي آ??ي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي. ھن چيو ته خواھش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ٿئي ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظر اچي. مريم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ماڻھو مھرباني کي زندگي جو حصو بڻائين ته جيئن ايندڙ نسل ??ي بھتر دنيا ڏئي سگھجي.