اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انس??ني حقن واري وفاقي وزر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ لاءِ گڏيل قومن جي آبادي (يو اين ايف پي اي) بابت فنڊ جي علائقائي ڊائريڪٽر پيو اسمٿ ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ صنفي مساوات، ٻار ۽ ماءُ جي صحت، خاند??ني منصوبابندي ۽ نوجوانن کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم سماجي ترقيا??ي معاملن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستان جي آبادي جي مسئلن کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ حل ڪري سگهجي. انس??ني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ انس??ني حقن جي عالمي معيار جي پاسداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته جٽادار ترقي جي هدفن تحت صنفي فرق ۽ سماجي ترقي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان مقصد تحت انس??ني حقن واري وزارت، مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن جي سهڪار سان صنفي بنياد تي تشدد (جي بي وي) جي خ??تم?? لاءِ مردن ۽ ڇوڪرن کي به مددگار بڻائي رهي آهي. يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان اين جي اوز جي ڀائيواري سان تيار ڪيل ”نيشنل اسٽريٽجي فار ميل انوالوومينٽ ان ايڊريسنگ جي بي وي“ معاشرتي روايتي تصورن کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن جي ذميداري کي هٿي ڏيڻ جو هدف رکي ٿي. وفاقي وزير ٻين گڏيل قومن جي ايجنسي?? سان جاري ڀائيواري تي به روشني وڌي جيڪا صنفي مساوات ۽ انس??ني حقن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار آهي، جن ۾ يو اين وومن، يونيسيف ۽ يو اين ڊي پي جا گڏيل منصوبا شامل آهن. انهن ڀائيوارن جو مقصد اهڙا اثر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي خاص طور تي انهن علائقن ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهن جتي ثقافتي رڪاوٽون ۽ محدود وسيلا صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. اها ملاقات پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ هڪ گڏيل ويزن جي نمائمندگي ڪري ٿي جنهن جو مقصد هڪ وڌيڪ م??او?? ۽ شمولي??ي معاشري جو قيام آهي.