اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان ج?? وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور اسلام آباد ۾ ٿيو، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (??فغ??نستان ۽ اولهه ايشيا) احمد نسيم وڙائچ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جڏهن ته قزاخستان پاران نائب پرڏيهي وزير علي بيڪ بڪائيف قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ قزاخستان ج?? وچ ۾ ٻطرفي تعاون ج?? جامع جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي لاڳاپن، بين الپارلياماني مٽاسٽا، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، رابطن، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، ثقافت ۽ سياحت شامل ??هن. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ج?? موجوده رفتار تي اطمينان ج?? اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون ج?? رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون ج?? عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ سياحت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بشمول يوڪرين، ??فغ??نستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي.