اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لا??ِ پرعزم آهي، ان سل??لي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جي ذريعي خصوصي ماڻهن ??ي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لا??ِ اهم قدم کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ هڪ تاريخي ڪ??ميابي آهي، ان ايڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملازمت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب معذور ??اڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اڄ اسان معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ??اڻهن جي حقن، ڀلائي ۽ شموليت جي فروغ جي لا??ِ خصوصي ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن اسان خصوصي ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي سگهه، همٿ ۽ قابل قدر ڪردار جو پڻ اعتراف ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لا??ِ پرعزم آهي، ان سل??لي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪس جي ذريعي خصوصي ماڻهن ??ي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لا??ِ اهم قدم کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ هڪ تاريخي ڪ??ميابي آهي، ان ايڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملازمت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. صدر چيو ته ايڪٽ تحت خصوصي ماڻهن جي حقن جي لا??ِ ڪائونسل جو قيام معذور ??اڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ هڪ جامع ۽ ٺوس موقف طرف اهم قدم آهي، اها ڪائونسل خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي لا??ِ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ آگاهي جي لا??ِ هڪ مرڪزي اداري جي طور تي ڪم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان خصوصي ماڻهن جي لا??ِ خصوصي تعليم ۽ تربيت جي اهميت جو ادراڪ رکي ٿو، ان سل??لي ۾ خصوصي ماڻهن جي مختلف ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ خصوصي تعليمي مرڪزن ۽ پيشيواراڻي تربيتي ادارن جو هڪ ملڪ گير نيٽ ورڪ تيار ڪيو آهي، خصوصي ماڻهن جي پاڻڀرائپ ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لا??ِ اهو مرڪز خصوصي ماڻهن کي ضروري مهارتن ۽ تعليم سان ليس ڪندو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ سان معذور ??اڻهن کي روزگار جي موقعن تائين پهچ حاصل ٿيندي. صدر چيو ته جيتوڻيڪ خصوصي ماڻهن جي لا??ِ ڪافي قدم کنيا ويا آهن پر اڃا به تمام گهڻو ڪم ڪرڻ باقي آهي، اسان کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ عوامي جاين تائين انهن جي پهچ وڌائڻ ۽ سازگار قانوني، سماجي ۽ معاشي حالتون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن روزگار، راندين، تعليم ۽ ٻين سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين سميت سمورن شعبن ۾ انهن جي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي، اسان کي خصوصي ماڻهن کي معياري تعليم، هنر، صحت جي سهولتن، مهارتن ۽ قابليت جي بنياد تي روزگار ۽ نوڪرين جي ڪوٽا تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري هڪ سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي. صدر معاشري جي سمورن طبقن تي زور ڏنو ته اهي هڪ اهڙو معاشري جوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن جتي خصوصي ماڻهن سان عزت وارو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ترقي جون منزلون طئي ڪ??ڻ جي لا??ِ ضروري وسيلا مهيا ڪيا وڃن، گڏجي هڪ اهڙي جامع پاڪستان جي لا??ِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي هر ماڻهو کي ان جي اهليت کان هٽي ڪ??ي پنهنجون صلاحيتون نکارڻ جو موقعو ملي.