اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گورننس جي بهتري لاءِ ماهرن جي مقر??ي سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي، حڪومت ملڪ جي هر شعبي ۾ بهتري جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهي آهي، ڊيجيٽائيزيشن، خودڪار نظام ۽ فيصلاسازي ۾ بهتري ئي جديد ??و?? ۾ ??رقي ۽ خو??حا??ي جا ضامن آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گورننس جي بهتري جي لاءِ نئين مقرر ٿيل ماهرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گورننس جي بهتري جي لاءِ ماهرن جي مقر??ي سان فيصلاسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي، عوامي مفاد جي اهم فيصلن ۾ ماهرن جي راءِ ۽ تنقيدي جائزي کانپوءِ منظو??ي سان ڏورس نتيجا نڪرندا. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان باصلاحيت ۽ پنهنجي شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن جي خدمتن فائدو کڻنداسين، توهان سڀني تي ملڪي معاملن جي فيصلاسازي ۾ ماهراڻي راءِ ?? تعمي??ي سوچ شامل ڪرڻ جي اهم ذميواري آهي. هن چيو ته پراميد ??هيان ته توهان پنهنجون ذميواريون انتهائي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندا. حڪومت ملڪ جي هر شعبي ۾ بهتري جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهي آهي. ڊيجيٽائيزيشن، خودڪار نظام ۽ فيصلاسازي ۾ بهتري ئي جديد ??و?? ۾ ??رقي ۽ خو??حا??ي جا ضامن آهن. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هي ماهر پنهنجي شعبن ۾ حڪومت کي ماهراڻي ۽ تنقيدي راءِ ۽ جائزو ڏيندا جنهن سان مختلف سيڪٽرز ۾ بهتر فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نئين مقرر ٿيل آڦيسرن جي تعارف سان گڏوگڏ انهن جي ذميوارين کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.