اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 20 ڊسمبر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو، هو قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن (ڊي ايٽ) جي 11هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 18 ڊسمبر تي ڊي ايٽ جي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. بيان موجب 11هين ڊي ايٽ سمٽ جي ٿيم ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ?? ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪر??: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي تعمير جي لاءِ نوجوانن ۽ ايس ايم ايز ۾ سيڙپڪاري جي اهميت، نوڪريون پيدا ڪر??، جدت کي اڳتي وڌائڻ ۽ مقامي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندو. هو ڊي ايٽ جي نظرين جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار، گڏيل فائدي ۽ خوشحالي جي لاءِ حص??دا??ي کي فروغ ڏيڻ سميت زراعت، خوراڪ جي حفاظت ۽ سياحت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏيندو. وزيراعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مالياتي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ترغيبن تي پڻ روشني وجهندو. هو وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ص??رت??ال تي غور فڪر جي لاءِ غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي ايٽ جي خصوصي ا??لاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي ص??رت??ال تي پاڪستان جي ا??ولي موقف کي ا??اگر ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪر?? تي زور ڏيندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي ا??لاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.