اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سا??ڪ حسين چيو آهي ته هڪ تعليم يافته عورت نسلن جي نگهبان هوندي آهي ان لاءِ تعليم تائين پهچ هر عورت جو شرعي ۽ معاشرتي حق آهي، اسان سڀني کي گڏجي عورتن کي تعليم جي زيور سان نوازڻ لاءِ پن??نج?? ڪردار ادا ڪر?? گهرجي ۽ جن جن چئلينجز جو کين مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي دُور ڪر?? گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم، چئلينجن ۽ موقعن جي حوالي سان عالمن ۽ مشائخن جي مشاورتي ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عورتون معاشري ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿيون، اهي مائرون، ڌيئرون، گهر واريون ۽ ڀينرون آهن. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم عورتن لاءِ تعليم جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته هڪ تعليم يافته عورت نسلن جي نگهبان هوندي آهي، هڪ ماءُ طور هو پن??نج?? ٻارن جي پهرين استاد هوندي آهي، هڪ تعليم يافته ماءُ پن??نج?? ٻارن ۾ قدر، اخلاقيات ۽ علم جي محبت پيدا ڪري ٿي، معاشري جي مستقبل جي معمارن جي جوڙجڪ ڪري ٿي. چوڌري سا??ڪ حسين چيو ته نياڻين ۽ عورتن لاءِ علم حاصل ڪر?? شريعت جي مقصد ۽ عوامي مفاد جي هڪ گهرج پڻ آهي، تعليم عورتن کي معاشرتي ترقيءَ ۾ فعال طور حصو وجهڻ جي طاقت ڏئي ٿي. تعليم عورتن کي اقتصادي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪر??، پن??نج?? حقن جي وڪالت ڪر?? ۽ـ فيصلا سازي جي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. اسلامي تاريخ ۾ عور??ن جون مثالون اسان لاءِ روشنيءَ جو ڪِرڻو آهن. اسلام جي واضح رهنمائي باوجود ڪيترن ئي مسلم معاشرن ۾ عور??ن جي تعليم کي ثقافتي رڪاوٽن ۽ اقتصادي مسئلن، عدم تحفظ جهڙن چئلينجن جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو، هي چئلينجز اسلام ۾ موجود ناهن پر هي سماجي روايتن ۽ مذهبي تعليم جي غلط تشريح جو نتيجو آهي، ضروري آهي ته عور??ن جي تعليم جي راهه ۾ رڪاوٽن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت ۽ اجتماعي ڪوششن کي اختيار ڪيو وڃي. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتون، ديني عالم ۽ ڪميونٽيءَ جا اڳواڻ گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪر?? لاءِ ڪم ??ن جتي نياڻين جي تعليم جي حاصلات ۾ محفوظ ۽ معاونت محسوس ڪن، ان ۾ اسڪالرشپ ۽ مالي امداد فراهم ڪر??، محفوظ ۽ قابل رسائي اسڪولن جو قيام، عور??ن جي تعليم تي اسلامي نقطهءِ نظر جي باري ۾ آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ ثقافتي غلط فهمين جو مقابلو ڪر?? لاءِ مذهبي اڳواڻن کي شامل ڪر?? شامل آهي. اڄ اسان هڪ اهڙي دؤر ۾ رهون پيا جتي ٽيڪنالاجي ۽ جديد ٽولز تعليم لاءِ بي مثال موقعا فراهم ڪن ٿا. اِي لرننگ پليٽ فارمز، ڪميونٽي تي ٻَڌل منصوبا ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نياڻين جي تعليم ۾ بهتريءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اسان کي انهن ٽولر جو ڀرپور استعمال ڪر?? گهرجي ته جيئن هر نياڻي چاهي اها ڪنهن به سماجي ۽ اقتصادي پسِ منظر سان تعلق رکندي هجي معياري تعليم تائين رسائي حاصل ڪري سگهي. عور??ن جي تعليم صرف فرد جي ترقيءَ جو معاملو ناهي پر هي هڪ خوشحال ۽ هم آهنگ معاشري جو بنياد آهي، اچو اسان عهد ڪريون ته مسلم معاشرن ۾ نياڻين کي تعليم ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ پن??نج?? ڪردار ادا ڪريون. چوڌري سا??ڪ حسين چيو ته اچو اسان غلط فهمين کي دُور ڪريون، رڪاوٽون ٽوڙيون ۽ هڪ روشن مستقبل لاءِ راهه هموار ڪريون، جتي هر عورت معاشرتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ پن??نج?? حصو وِجهي سگهي.