اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ميرٽ جي فروغ لاءِ ??ظام ۽ ادارن کي مضبوط ڪندڙ ملڪ ۽ معاشرا سدائين ترقي ڪن ٿا، نئين پاڪستان ۾ نئين سوچ سان ميرٽ کي فروغ، آن لائن سسٽم تح?? قرضن جي فراهمي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ننڍن ۽ وچين صنعت کي وڌ کان وڌ آسانيون ڏيڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪامياب جوان پروگرام 100 سيڪڙو نوجوانن جي لاءِ آهي، ان جو فائدو ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي به ٿيند??، سياحت واحد ذريعو آهي جيڪا مٽاسٽا جو ناڻو تيزي سان پاڪستان آڻي سگهي ٿي. هو ڪامياب جوان پروگرام تح?? بيروزگار نوجوانن کي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪري ره??و هو.