اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، ايف بي آر کان لاڳاپيل عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن ۾ اڳڀرائي، پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪ??يل مٽاسٽا ??ي ناڻي جي حوالي ??ان مراعتن، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، مع??ت جي ثمرن کي عوام تائين پهچائڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سميت ٻيا اهم معاملا غور هيٺ آ??ا. ??جلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪي معي??ت جي استحڪام جي حڪومتي ڪوششن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن، هن چيو ته اقتصادي انگن اکرن جي لحاظ سان سنگين مشڪلاتن ۾ گهيريل معيشت ۾ اڄ واضح استحڪام نظر اچي رهيو آهي.