لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ هيموفيليا جو قانون بڻجي چڪو آهي، ان کي وفاق ۽ پنجاب جي سطح تي ??ه متعارف ڪرائينداسين ته جيئن مرض کي روڪڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾ مهم شروع ڪئي وڃي، حڪومت 192 ارب رپين جي وڏي رقم سان احساس پروگرام متعارف ڪرايو آهي، سُندس فائونڊيشن کي به احساس پروگرام جو حصو بڻايو ??ين??و، حڪومت هيموفيليا جي مرض ۾ ورتل پڙهيل لکيل مريضن جي لاءِ سُندس جاب بئنڪ ٺاهيندي جنهن تحت انهن کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نوڪريون ڏنيون ??ين??يون. هو سُندس فائونڊيشن ۾ ناليواري صحافي ڪالم نگار م??و ڀائي جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.