اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??يڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا آفيسر ۽ ملازم اسان جو فخر آهن، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اج??گر ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، انفارميشن گروپ جي ٻاهرئين ملڪ پوسٽن ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ 36 هين اسپيشلائيزيشن ٽريننگ پروگرام (ايس ٽي پي) جي پروبيشنرز ج?? پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.