اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني م??ام??ن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته 18 هين ت??مي?? کانپوءِ به ملڪ ۾ آئيني ت??مي??ون ڪيون ويون، ڪنهن جي خواهش تي احتساب جو عمل بند نه ٿو ٿي سگهي جڏهن ته ان حوالي سان جائز قانونسازي جي لاءِ حڪومت جا دروازا سدائين کليل رهندا، جڏهن به ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿي ۽ ماڻهن جي صحت ۽ سلامتي کي خطرو نه رهيو ته سموري التوا ۾ پي?? قانونسازي غور هيـٺ آندي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته منهنجي چيمبر ۾ سرڪاري عملو تجويزون نوٽ ڪري رهيو آهي. اسد عمر ??نهن سمورين تجويزن جو جائزو وٺي حتمي شڪل ڏيندو.