اسلام آ??اد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته جهڙي طرح اها ان ڳالهه تي يق??ن رکي ٿي ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو اهڙي طرح ڪوويڊ 19 جي خلاف ايس او پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ?? شايع ٿيندڙ س??وي رپورٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يق??ن رکندڙ ماڻهو آهن ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو. هلندڙ س??ل مارچ ۾ ٿيندڙ س??وي موجب 72 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يق??ن رکن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اهو وائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اهو قدرتي آهي جڏهن ته رڳو 23 سيڪڙو جو اهو وهم آهي ته وائرس ڄاڻي واڻي پکيڙيو ويو آهي.