اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي ٻاڙائي ۽ ملڪي معاشي چئلينجن جي تناظر ۾ ٽيڪس فري بج??ٽ وزيراعظم عمران خان جي عوام دوستي جو ثبو?? آهي، بج??ٽ ۾ تجويز ڪيل قدمن سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ روزگار جا نوان رستا کلندا. سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته 41 ووٽن جي اڪثريت سان بج??ٽ منظوري واضح ثبو?? آهي ته پي ٽي آٰءِ ۽ اتحادي عمران خان جي قيادت ۾ متحد ۽ ه?? آهن، مخالف ڌر غير يقيني جو ماحول پيدا ڪري عوام ۾ مايوسي پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.