اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي ??قص??ن لاءِ اس??ينڊنگ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ماهرن کي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ۽ پاليسي سازي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اس??مبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اس??ينڊنگ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حصيداري“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو، مڪالمي ۾ اسڪالرز، محققين تعليمي ماهرن ۽ سول ??وس??ئيٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت ملڪ کي ماحولياتي تبديلين سميت ڪيترائي چئلينج درپيش آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.