اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جاپان جي نئين چونڊيل ??زيراعظم يوشي هيڊي سوگا کي سندس چونڊ تي مبارڪباد ڏني آهي، ٽوئي??ر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن.