ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جتي ظلم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان جو ڦل ۽ صلو ملي، علم تي ٻڌل معيشت سان قومون ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آهي، هڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سان ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پاڪستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ۾ عيسيٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي ??فتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته آئون عيسيٰ خيل جي ??لائقي ۾ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهيان، وزيراعظم چيو ته 24 سال اڳ هن هي سڄو علائقو ڏٺو هو ۽ مون کي خبر آهي ته هن علائقي ۾ ٻارڙين جي ??سڪولن ۾ استاد نه آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽ?? ۽ ??رسز نه آهن، پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي هتان جي ماڻهن جو وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپين جي ماليت سان جيڪي منصوبا شر??ع ڪيا ويا آهن ان سان ٻن يونين ڪائونسل کي ڇڏي باقي سمورين يونين ڪائونسلز ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.