اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ون ونڊو احساس جي جوڙجڪ لاءِ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن جو ??قصد ون ونڊ معلومات ۽ خدمتن جي ڪيترن پروگرامن تائين رسائي لاءِ ن??طه نظر پيش ڪرڻ هو، اجلاس ۾ بي آءِ ايس پي، پاڪستان بيت المال، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊز، ٽرسٽ فار والنٽري آرگنائيزيشن، ايڇ اي ??ي سميت غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن جي سمورن عملدرآمدي ادارن جي رهنمائن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي اي ايس ايس ڊي جو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري به موجود هئا، ان اجلاس ون ونڊو آپريشن لاءِ ساختي منصوبو جوڙي ڇڏيو، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بنيا??ي ڍانچو فرنٽ اينڊ بيڪ تي مشتمل هوندو، هارڊويئر ۽ نمايان فزيڪل احساس سينٽر، اينڊرائڊ ايپ ۽ ويب انٽرفيس اينڊ جڏهن اوپن اي پي آئيز فن تعمير سان گڏ رهنما پاليسي بيڪ اينڊ تي ڪم ڪندي، هن چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ احساس فزيڪل سينٽر ۽ ڊجيٽل انٽرفيس جي پهرئين پروٽوٽائپ تي ڪم شروع ٿيو آهي، ون ونڊو اسٽاپ شاپ جي ذريعي احساس جي 135 پروگرامن ۽ پاليسي قدمن مان هڪ جي طور تي ان قدم جو ??قصد آگاهي پيدا ڪ??ڻ، احساس تحت فراهمي کي گڏ ڪ??ڻ، شفافيت کي يقني بڻائڻ ۽ حڪومت کان شهرين تائين خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي.