اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي( گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 45 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? جي 2 هزار 417 ماڻهن ??ا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 45 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 38 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 31 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورون?? جي مثبت ڪي??ن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 48 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 359 ٽيسٽ ڪي?? ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 9، پنجاب ۾ 14 هزار 710، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 163، اسلام آباد ۾ 5 هزار 153، بلوچستان ۾ 568، گلگت بل??ست??ن ۾ 390، آزاد ڪ??مي?? ۾ 367 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 69 هزار 306 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪ??مي?? ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 322 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪي??ز جو انگ 34 هزار 169 آهي.