اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هو پاڪستان بح??يه جي بهترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٽوئيٽر بيان ۾ صدر چيو ته ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 2021ع بحر هند ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪست??ن جي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته امن 2021ع مشقون سامونڊي واپا?? ۽ ??منڊ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آهن. ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهم??ن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بح??يه جي ترجمان موجب بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بح??يه جي جهاز جي اچڻ تي اميرالبحر صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي صدر کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن صدر کي سلامي پڻ پيش ڪئي.