اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ رمضان بازارن ۾ سبسڊي ڏئ?? رهي آهي، ??وام جي سهولتن لاءِ رمضان بازارن ۾ 5 بلين رپ??ن جي سبسڊي ڏن?? وئي آهي ته جيئن شهري رعايتي اگهن تي ضرورت جون شيون خريد ڪري سگهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت پيٽروليم قيمتن تي لاڳو ٽيڪس گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن صارفين کي پيٽروليم مصنوعات ۾ ريليف ملي.